ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي

ڪشنچند جيٽلي: مشھور اديب، تاريخ نويس، مصور ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. سندس وڏا ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ فقير جي پڙ ويجهو مُکي گهٽيءَ ۾ پنھنجو گهر ٺھرائي اچي رهيا هئا. پنڊت ڪشنچند جو پيءُ ٽوپڻ لال ديسي طب (آيرويد) ۽ سنسڪرت جي علم جو وڏو ڄاڻو هو. پنڊت ڪشنچند کي سنڌ جي تاريخ جي اڀياس سان وڏو چاهه هو. هن آڳاٽي سنڌ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو خاص اڀياس ڪري، ويدن واري زماني بابت ڪافي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سندس سؤ کان به وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. 1942ع ۾ مختـلف تعليـمدانـن ۽ مفڪــرن سنـڌ ۾ ”وڪـرم يونيـورسـٽي“برپا ڪرڻ جي رٿ ٺاهي هئي، ان جو مکيه مقصد سنڌ جي اتھاس، سڀيتا، سنسڪرتي ۽ لپي وغيره تي تحقيق ڪرائڻ هو. ان رٿا لاءِ پنڊت ڪشنچند جيٽلي، سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري سنسڪرت، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ هزار کن آڳاٽا قلمي نسخا هٿ ڪيا هئا، پر هندستان جي ورهاڱي سبب اهو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ ڪتابي ذخيرو به ناس ٿي ويو. اهڙا سؤ کن نسخا، جيڪي ناس ٿيڻ کان بچي ويا، سي سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود هئا، جن مان سندس پُٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ استفادو حاصل ڪيو. 1947ع ۾ ورهاڱي بعد ڪشنچند ڪٽنب سميت سنڌ مان لڏي وڃي پوني (هندستان) ۾ رهيو. هن ’موهن جي دڙي جي لپي‘، ’ويدن واري زماني جي سنڌ‘ جھڙن موضوعن تي ڪيترا تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي آل انڊيا قومي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پيش ڪيا ۽ سندس ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل تحريرون هن ريت آهن:(1) هنديءَ ۾ لکيل”سنڌي ڀاشا ڪا سنکپت پريچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تعارف 1957ع)، (2) ”شرنگار لھر“ (سنسڪرت جي شعرن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو: 1984ع)، (3) ”ميگهه دوت“ (ڪاليداس جي سنسڪرت شعرن جي مشھور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ساڳئي سنسڪرت ڇند ۾ ترجمو)، (4) ”سنڌي هٽ- واڻڪن اکرن جي تاريخ“ (هن ڪتاب ۾ هٽ واڻڪن يا خواجڪي لپيءَ جي ڀيٽ موهن جي دڙي جي اکرن ۽ براهمي لپيءَ سان ڪئي وئي آهي)، (5) ”موهن جو دڙو ۽ هڙاپا سنسڪرتي، انهيءَ وقت جي مھرن جي لپي ۽ ڀاشا“ (هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي مان لڌل مھرن جي پڙهڻي ۽ معنيٰ سمجهائي وئي آهي: 1985ع)، (6) ”سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳنڌ“ (سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي نالن جي اڀياس ذريعي سنڌ جي اتھاس جي جهلڪ پيش ڪيل آهي: 1986ع)، (7) ”سئنڌوي- سنسڪرتي“ (سنڌو تھذيب ۽ پراچين سنڌ جي اتھاس تي مراٺي ٻوليءَ ۾ لکيل مقالن جو مجموعو: 1991ع)، (8) ”مناسج اپنشد“ (سنسڪرت ۾ لکيل ڪام شاستر ڪتاب جو ترجمو: 1988ع)، (9) ”سنڌي وياڪرڻ پريچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ: 1989ع)، (10) ”سنڌي زيور (سنڌي زيورن جي باتصوير سمجهاڻي 1994ع) ۽ (11) ’سنڌي لپيءَ جي نشانين جي حياتي‘. هن عالم ۽ مؤرخ 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڪشنچند جيٽليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.07.21  عيسوي

مشھور اديب، تاريخ نويس، مصور ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.


1995.01.18  عيسوي

ڪشنچند جيٽلي 18 جنوري 1995ع تي مھاراشٽر صوبي (ڀارت) جي شھر پوني ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گنو سامتاڻي
خالد آزاد
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
صاحب سنگهه بولسنگهه
علي اظهار
محمد پناهه ڦرڙو
بيدل مسرور
فاروق سولنگي
امر لعل هنڱوراڻي
عطاءُ الله ابڙو پروفيسر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون